Saturday, November 7, 2015

قوم پرستي پنهنجي جوهر ۾ ترقي پسندي ئي آهي ۽ ڪو به سچو قوم پرست ۽ ترقي پسند نسل پرست يا شائونسٽ نٿو ٿي سگهي.

پنجاب جا سول لباس وارا ۽ وردي پوش حڪمران جڏهن مظلوم سنڌي ۽ بلوچ قومن جي اندر سندن ئي قوم جي
وڏيرن ۽ سردارن جي روپ ۾ پنهنجا دوست ۽ اتحادي تلاش ڪري سگهن ٿا ته سنڌيئن ۽ بلوچن کي به پنهنجي ئي قومي مفاد خاطر ئي صحيح ،انتهائي وسيع دلي، انتهائي ڏاهپ،سهپ ۽ بردباريءَ سان پنجاب ۽ پختونستان جي مسڪين ماڻهن ۽ زنده ضمير انسانن ۾ پنهنجا دوست ۽ اتحادي تلاش ڪرڻا پوندا.
قوم پرستي پنهنجي جوهر ۾ ترقي پسندي ئي آهي ۽ ڪو به سچو قوم پرست ۽ ترقي پسند نسل پرست يا شائونسٽ نٿو ٿي سگهي.ڪا به قوم سڄي جوسڄي سٺي يا مڪمل طور خراب نه ٿيندي آهي.پنجاب ۽ پشتونستان ۾ ٿورا ئي سهي پر اهل ضمير انسان سنڌيئن ۽ بلوچن جي حق خوداراديت جا حامي آهن انهن کي پنهنجو ساٿي ۽ اتحادي بنائڻ ئي ڏاهپ ۽ عقلمندي ٿيندي.
مان جنوبي پنجاب سان تعلق رکندي به سنڌيئن ۽ بلوچن جي جدوجهد ۾ سندن مڪمل طور سهڪاري آهيان.

( جڳ مشهور ڪتاب ”مليٽري ان ڪارپوريٽ ”جي ليکڪا، محترمه عائشه صديقه جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ پاڪستاني خاڪي وردي وارن جو اصل ڀيانڪ روپ ڏيکاري کين سڄي جڳ جهان ۾ الف اگهاڙو ڪيو،جنهن جي پاداش ۾ جلاوطن بنائي ويئي،ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سنڌ ڪانفرنس لنڊن ۾ مهمان مقرر طور سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪ سان مخاطب ٿيندي هڪ نئون رستو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

No comments:

Post a Comment