شاهه آدم اچو ته سيد کي
سمجهون ۽ سندس نقش قدم تي هلون
رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد جهڙا عظيم محب وطن ڪردار تاريخ جون اهڙيون ڳجهارتون هوندا آهن. جن کي جيترا ذهن سمجهي حل ڪندا آهن. اوترا معاشرتي طور تي آزاد ذهن پيدا ٿيندا آهن، پر جڏهن سڄو معاشرو اهڙين شخصيتن کي حقيقي طور تي دريافت ڪري وٺندو آهي، تڏهن پورو معاشرو وحدتِ فڪر ۾ پروئجي عملي آزاديءَ ڏانهن وک وڌائيندو آهي. تنهنڪري جيئن جيئن معاشرو ارتقا يا ترقي ڪندو آهي، تيئن تيئن پنهنجي عظيم ڪردارن کي سڃاڻڻ لڳندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪن عظيم هستين جي سڃاڻپ سندن زندگيءَ ۾ ئي مڪمل ٿي ويندي آهي نه ته ڪن جي سڃاڻپ صدين جا سفر طئه ڪندي آهي.
داغستاني نثري شاعر رسول حمزاطوف پنهنجي نظم جي ڪتاب ۾ اهڙي ئي اعليٰ تاريخي ڪردار کي ماءُ جي واتان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته :”اي منهنجا ٻچا جڏهن تون ننڍو هوندو هئين، تڏهن تنهنجا خيال به تو جيان ننڍڙا ۽ سادڙا هوندا هئا ته تنهنجون خوشيون ۽ ڏک به سادڙا ۽ ننڍڙا هئا. آءٌ تنهنجي هر ڳالهه کي سمجهندي هيس ۽ تهنجا سڀئي انگل پورا ڪندي هيس. هاڻي جڏهن تون وڏو ٿي ويو آهين. تڏهن تنهنجا ڏک ۽ خوشيون به تو وانگر ايترا ته وڏا ۽ ڳنڀير بڻجي ويا آهن جو، مان انهن کي سمجهڻ کان عاري ۽ تنهنجي انگلن کي پوري ڪرڻ کان قاصر بڻجي پئي آهيان.“
هونئن به اها حقيقت آهي ته عظيم ڪردارن جي ڏکن ۽ خوشين جا احساس به اوترائي گهرا ۽ وسيع ٿيندا آهن. جيترو سندن مشاهدي ۽ مطالعي جو شعور ۽ عمل جو دائري ڪار وسيع ٿيندو ويندو آهي.
اهڙا انسان حاڪمن طرفان سماج مٿان مسلط ڪيل غلامي، بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جي صورتحال جو گهرو ادراڪ رکڻ ڪري پنهنجي انفرادي خوشين ۽ ڏکن کي معاشرتي خوشين ۽ ڏکن جي پسمنظر ۾ ڏسڻ لڳندا آهن.
تاريخ جا اهڙا لافاني ۽ آفاقي ڪردار نه رڳو پنهنجيءَ مظلوم قوم جي صدين جون صدائون بڻجي ويندا آهن. بلڪ سندن فڪر پوريءَ ڏکويل انسانيت جي ذهن ۽ ضمير جو حق، سچ ۽ عدل ۽ انصاف لاءِ اٿاريل آواز بڻجي حاڪمن ۽ جابرن جي لاءِ للڪار بڻجي پوندو آهي. جيڪو خواب غفلت ۾ ستل هر ذهن ۽ ضمير کي آزاديءَ جي ڪنهن ازلي گيت جيان گهريءَ ننڊ مان جاڳائي غلاميءَ جي ڪوڙهه ۾ ورتل دنيا کي بدلائڻ جو درس ڏيندو آهي. جيئن اياز چيو آهي:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا، جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي.
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
جيئن ته اهڙن مفڪرن جي تعليم ۽ فڪر حاڪم قوتن جي چهري تي لڳايل نقاب (Persona) کي هٽائي انهن جي رت پياڪ ڀيانڪ شڪل کي عوام آڏو وائکو ڪندو آهي. تنهنڪري حاڪم قوتون اهڙن عظيم مفڪرن تي نه صرف جسماني پهرا لڳائي ڇڏينديون آهن بلڪ انهن جي فڪر آڏو بند به ٻڌڻ چاهينديون آهن ته متان اهو آزاديءَ جو فڪر سندن غلامي جي طلسماتي دنيا جي برپا ڪيل جهالت آميز سحر کي نه ٽوڙي ڇڏي. تنهنڪري سائين جي.ايم سيد جهڙا انسان هن اونداهينءَ ڏرتيءَ تي ڪاراٽيل ذهنن لاءِ شاهه جي هن سٽ جو مظهر بڻجي پوندا آهن ته :
”چنڊ چٽائي تنهنجي، ڄڻ سياهيءَ ۾ سور“
سيد جهڙا محب وطن آدرشي انسان اونداهين ذهنيت جي حامل غير قومي جابرن ۽ انهن جي پڇ لٽڪائو دلال قسم جي هر ڪانير جي اک ۾ تيز روشني جيان چڀندا آهن. تهنڪري پنجابي سامراجي ذهن سائين جي.ايم. سيد جي خلاف نه صرف پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعن کي نفسياتي جنگ ۾ اطلاعاتي بدديانتي جي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي بلڪ ويڪائو سياستدانن، بنيادپرست پيرن، ملن، ضمير فروش اديبن مڱڻهار، رياستي وڄت ڪندڙ دانشورن ۽ قومي غدارن جا ٽولا خريد ڪري سيد جي سنڌ لاءِ ڏنل آزاديءَ جي فڪر خلاف جيڏانهن ڪيڏانهن ڀونڪ ۽ باهوڙ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري حق ۽ سچ جي اهڙي ازلي ۽ آفاقي انساني ضمير جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش به پئي ورتي آهي. پر تاريخ پنجابي سازشي سامراجي ذهن جي خواهش جي گولي ۽ غلام ناهي. جيڪا نتيجا به سندس منشائن مطابق ڏئي بلڪ تاريخ هڪ آزاد جدلياتي عمل آهي، جيڪو پنهنجي مخصوص جبلي قانونن جي تابع حرڪت ڪري ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاريخ پنهنجي تغير پذير بي چين فطرت منجهان مختلف معاشرن اندر هڪ طرف پروميٿئس جهڙا الميابي ڪردار پيدا ڪندي آهي ته ٻئي طرف انهيءَ جي ضد ۾ ايترائي عجوباتي قسم جا مسخرا ڪردار سامهون آڻيندي آهي. هڪ طرف ڏاهپ، بهادري ۽ سچائيءَ جي ڪرداري خصوصيت سان ڀرپور وفائن جا عظيم پيڪر پيدا ڪندي آهي ته ٻئي طرف ڪانئر قسم جا منافقيءَ مڪاريءَ ۽ جهالت جا ڀنڊار به پيدا ڪندي آهي. هڪ طرف ديوتائن تي شڪ ڪندڙ سقراط کي پيدا ڪندي آهي ته ٻئي طرف انهيءَ جي حق، سچ ، عدل ۽ انصاف جي آواز کي گهٽڻ لاءِ کيس موت جي سزا ڏيندڙ اونڌاهان ذهن به پيدا ڪندي آهي، هڪ طرف حسين ابن منصور حلاج پيدا ٿيندو آهي ته ٻئي پاسي ان تي فتوا جاري ڪندڙ بغداد جي حڪمرانن جي ٽڪرن تي پڇ لور ڪندڙ ابن عيسيٰ جهڙو قاضي ۽ شمس تبريز کي گل هڻندڙ اياڻو عالم به پيدا ڪندي آهي. هڪ طرف گليلو ۽ برونو جون انساني ضمير ڏانهن انصاف لاءِ واجهائيندڙ اداس اکڙيون پيدا ڪندي آهي ته ٻئي پاسي انهن جي مذاق اڏائيندڙ ڀولڙين جي دماغ سان سوچيندڙ عهدِ وحشت جون نفسياتي کوپڙيون رکندڙ پروهتن ۽ حاڪمن جا هيجان آميز ذهني مريض جهڙا بي معنيٰ کوکلا ٽهڪ به پيدا ڪندي آهي، هڪ طرف جي.ايم. سيد جيڏا قدآور انسان دوست محب وطن ڪردار پيدا ڪندي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي مردار جاگيردار طبقي جا ڍونڍن جي ڍنڍن طرف ڊوڙندڙ ڌڻ به پيدا ڪندي آهي، جيڪو وتي ٿو اقتداري مفادن جي دٻن ۾ غداريءَ جي خاڪ ڇاڻيندو ته متان ڪنهن لِڏِ مان لعل لَڀي پوي.
انهن گرگن جون تاريخي گوٿناٿيون ۽ غداريون ڪهڙو باضمير ذهن وساري سگهي ٿو. اهو تاريخ جو اهو بي حيا ۽ بدروح طبقو آهي، جنهن سنڌ جي پنج هزار ساله نيڪوڪار تاريخي روح کي به گهايل ڪري وڌو آهي. انهن جي سچائي کَپُر واري آهي، انهن جي پرهيزگاري بگهڙ جهڙي آهي. جهڙيءَريت بگهڙ جا ڏند ڀڄي پوندا آهن، ته اهو پرهيزگار ٿيندو آهي بلڪل ائين ئي جڏهن اهي اقتدار کان ٻاهر هوندا آهن، تڏهن کين عوام جي لوڙ لڳندي آهي ۽ سنڌ جا سور ستائيندا آهن ۽ جڏهن اقتدار ۾ ايندا آهن. تڏهن ضمير جي سوداگري ڪري خزانا ائين لٽيندا آهن، جيئن سوئر فصل ۾ ڀيل وجهندا آهن. انهن جو خلوص، اخلاق ۽ ايمان پنهنجي سماجي حيثيت (Status) کي قائم رکڻ لاءِ وئشيا وانگر دولت جي چمڪ کانشروع ٿي دولت جي چمڪ تي ختم ٿيندو آهي. تنهنڪري اهي ڪنهن ڪال گرل وانگر پنهنجي آقائن طرفان اقتدار لاءِ ملندڙ اشاري جا منتظر هوندا آهن.
اهي پنهنجو ذهن، ضمير، ڏات ۽ ذات رت، ست سڀ ڪجهه عارضي اقتداري مفادن جي مٿان قربان ڪري ڇڏيندا آهن.
انهن جون قربانيون ان نوعيت جون هونديون آهن جو، انهيءَ اقتدار جي حرس حوس ۾ پنهنجا گهر ڀاتي مارائي آخر ۾ پاڻ به ڦاهيءَ تي ٽنگيا پيا هوندا آهن. يا ڪنهن ڀاڄوڪڙرن وانگر عوام کي ننڌ ڻڪو ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا آهن پر اقتدار جي چوسڻي ڪا اهڙي مٺي آهي جو انهيءَ لالي پاپ جو باربار سواد وٺڻ لاءِ لوسڻ جهڙا نڪ هر ڀيري ڪپرائڻ جي باوجود بد تر ضمير جو مٿاهون مظاهرو ڪندي نڪ کي نئين سر ٻوڙائڻ لاءِ ور ور ڏئي پنهنجي آقائن آڏو پنهنجا لوسڻ جهڙا نڪ ٽنگيون بيٺا هوندا آهن. هڪ طرف اهو بدتهذيبن، بي بڻيادن ۽ بداخلاقن جو اهڙو ڪريل طبقو آهي جو انهيءَ طبقي جي نسل در نسل غدارين جا ڪڌا ڪرتوت گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ مها دلالن (Great Fifth Columnist) جي طور تي شايع ڪرائڻ جهڙا آهن، جيڪي وطن سان غدارين جي سلسلي ۾ مڙني هم جنسن کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. ٻئي پاسي سنڌ ڌرتيءَ جي زرخيز ڪک مان اهڙا بي مثال مهان ڪردار به پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي ڌرتيءَ جي دنگن ۽ ننگن تان نثار ٿي تاريخ ۾ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي. سن جو سائين به اهڙن ئي ڪردارن جو تسلسل آهي، جنهن جو ڪردار انقلابي عظمت جو اهڃاڻ بڻيل آهي. جنهن جي زندگي نه صرف پنهنجي مظلوم قوم بلڪ دنيا جي مظلوم قومن لاءِ آزدي ۽ آجپي لاءِ مشعل راهه آهي، جنهن جو فڪر سچ سونهن ۽ آزاديءَ جو امين آهي، جنهن جو ارادو پهاڙن کان به اٽل ۽ اوچو آهي. جنهن جا خواب سنڌي قوم جي ارتقا، اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ ارپيل آهن، جن جي ساڀيان امن عالم، ترقي بني نوع آدم ۽ اتحاد انساني ۾ سمويل آهي.
هيءَ قوم جيڪا پنهنجي وطن جي هزارن سالن جي شاندار ماضيءَ کي وساري چڪي هئي. جنهن پنهنجي عظيم سپوتن راجا ڏاهر کان دودي سومري تائين، دولهه دريا خان کان مخدوم بلاول تائين، آدم شاهه کان شاهل محمد ڪلهوڙي تائين شاهه پنجي سلطان کان شاهه گودڙي تائين، گاجي شاهه کان گاجي کهاوڙ تائين گاجي کهاوڙ کان شاهه بهاري جنجڻ تائين، ديوان آڏي مل شهيد کان جادو شهيد تائين دين محمد ڪلهوڙي کان شاهه عنايت تائين، شاهه لطيف کان جنرل هوش محمد تائين هيمو ڪالاڻيءَ کان روپلي ڪولهي تائين مڙني وطن دوست ڪردارن ۽ ميانوال تحريڪ جهڙي آزادي پسند جدوجهد جي لکين شهيدن جيڪي گاڙهي جي قبرستان کان ويندي سنڌ جي چپي چپي تي پکڙيل آهن انهن کان حر تحريڪ ۾ ڏنل وڏڙن جي عظيم قربانين کي وساري ڇڏيو هو. سيد پنهنجي قوم کي هزارن سالن جي تاريخ کان روشناس ڪرائڻ لاءِ سنڌو جي ساڃاهه جا ٻه جلد لکي ورتا، جنهن سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي آڏو رکندي هن قوم کي پنهنجي حال جي حقيقي تضادن کان آگاهه ڪري کين سجاڳيءَ جو درس ڏيندي ٻاونجاهه ڪتاب لکيا. پنهنجي قوم کي حب الوطنيءَ جي پوتر جذبي سان لڳاءَ جي اهميت کان آگاهه ڪيو، پوري زندگي نه صرف حاڪم قوم جي استحصالي فڪر جي مذمت ڪندا رهيا پر انهيءَ سازشي فڪر سان عدم اتفاق جو درس به ڏيندا رهيا. سيد انهيءَ ڳالهه کي ڀليءَ ڀت ڄاڻي پيو ته حاڪم قومون محڪوم قومن کي طويل عرصي تائين غلام رکڻ لاءِ انهن کي پنهنجي حاڪماڻي فڪر سان متفق ڪرڻ جي سازشي نفسياتي جنگ وڙهنديون آهن، جڏهن قومون نفسياتي جنگ هارائي ويهنديون آهن، تڏهن انهن جا هر قسم جا هٿيار پنهوار به مڏا ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب هو جو سيد پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن تائين فڪري پورهئي ذريعي قلمي جنگ وڙهندو رهيو.
جهڙيءَ طرح حياتياتي تاريخ جي مختلف مرحلن تي فطرت طرفان مڙني جاندارن جي مٿان جياپي جا نوان شرط لاڳو ٿي ويندا آهن، ساڳيءَ طرح معاشرتي تاريخ به تاريخي ضرورتن جي صورت ۾ قومن جي مختلف ارتقائي منزلن دوران انهن مٿان نوان معاشرتي شرط لاڳو ڪري ڇڏيندي آهي، جن کي قومون حيواني ارتقا جي جسماني مطابقت جي قانون جي ابتڙ تهذيبي ۽ ثقافتي سطح تي شعوري ڪِردار ذريعي حل ڪنديون آهن، قومن جي ترقي ۽ تنزل آزادي ۽ غلامي جو دارومدار وطن جي سرحدن اندر موجود بي بها خزانن، پيداواري وسيلن، تهذيب جي تخليقي عمل ۽ دفاعي صلاحيت جي نوعيت تي هجي ٿو: تنهنڪري جيئن جيئن قومون پنهنجي وطن ۽ ان ۾ موجود پيداواري وسيلن ۽ تاريخ جي عائد ڪيل ذميوارين يا فرضن کان غفلت ۽ لاتعلقي جو مظاهرو ڪنديون آهن تيئن تيئن اهي ڏينهن به ڏينهن پنهنجي تاريخي ارتقا جا حق واسطا ۽ قومي جياپي جا جواز به وڃائينديون آهن. ڇو جو وطن سکڻو ڌرتيءَ جي گولي تي کنيل آڏين ترڇين لڪيرن ۽ زمين جي مخصوص آبهوائي خطي يا منفرد جاگرافيائي بيهڪ جو ئي نالو ناهي بلڪ انهن سڀني لوازماتن سان گڏوگڏ وطن نالو آهي، انهيءَ سياسي ۽ اقتصادي وحدت سان جڙيل صدين جي سماجي زندگيءَ جي تاريخي رشتي جو جيڪو پنهنجي دائري اندر رهندڙ مختلف ذاتين، نسلن، ڪڙمن ۽ قبيلن کي مخصوص قوميتي ۽ قومي سڃاڻپ ڏيڻ جو بنيادي محرڪ بڻجي ٿو.
وطن سان جڙيل سماجي تاريخي رشتن (Socio Historic Relation) جي ڪري وطني حدن ۾ رهندڙ مختلف ذاتين، ڪڙمن، قبيلن ۽ نسلن جي مخصوص موروثي تاريخي رجحان هيٺ قومي ڪلچر ۽ قومي ٻولي ۽ قومي نفسيات جا منفرد لاڙا پيدا ٿين ٿا. جيڪي ڪنهن به قوم جي الڳ قومي سڃاڻپ جو تعين ڪن ٿا.
جيئن بي وطنا نسل پنهنجي تاريخي رشتي سان گڏ قومي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن، تيئن پنهنجي وطن کان لاتعلق قومون پنهنجي وطن ۾ بي وطن بڻجي وينديون آهن.
سياسي، اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ پٺتي رهجي وڃڻ سبب قومون ٽئين درجي جون شهري بڻجي وينديون آهن. مطلب ته قومن جي آزادي ۽ غلاميءَ جو دارومدار وطن جي سمورن پيداواري وسيلن تي مالڪاڻن حقن يا انهن جي برعڪس حقن تان بي دخل ٿيڻ تي هجي ٿو، مختلف تاريخي دؤرن ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي وسندڙ مڙني ڪڙم ۽ قبيلا سماجي ارتقا جي خاص ڏاڪن تي معاشرتي ترقيءَ جي آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ کي هٽائڻ لاءِ حب الوطنيءَ جي آفاقي جذبي هيٺ پنهنجي قيمتي جانين جا نظرانا ڏئي قومي معاشري جي اشاعت ذات جي حصول لاءِ وڙهندا رهيا آهن. سنڌ جي اهڙين تاريخي جدوجهدن مان ميان وال تحريڪ سڀ کان سرِفهرست آهي، جنهن ۾ سنڌي قوم پهريون ڀيرو اجتماعي قومي ٻڌيءَ جي ذريعي ٻه سؤ سالا جدوجهد کان پوءِ وطن جي آزاديءَ سان گڏوگڏ اعليٰ پائي جي آبپاشي نظام جي بحالي ۽ قوميتي صورت وٺڻ ۾ ڪاميابي ماڻي.
اها حقيقت آهي ته قومون جڏهن پنهنجي وطن جي وسيلن کان لاتعلق بڻجي آزاد ماضيءَ جي تسلسل کان ڇڄي وينديون آهن، تڏهن انهن جي حالت به اهڙي ذهني مريض جهڙي ٿي ويندي آهي، جيڪو پنهنجي ماضيءَ جي سمورن تسلسل جي رشتن رابطن ۽ ناتن کان ٽٽي پنهنجي شخصيت کي وڃائي وهندو آهي. ساڳيءَ ريت قومون پنهنجي تاريخي وجود جي شعوري تسلسل کان ڇڄي مجهوليت جي پاڇي هيٺ پنهنجو تاريخي تشخص وڃائي وهنديون آهن. جڏهن قومون غلاميءَ جي اهڙي اونداهين غار ۾ ڦاسي پونديون آهن، تڏهن تاريخ قومن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ منجهن آزاديءَ جا امام ۽ سجاڳيءَ جا پيغامبر موڪليندي آهي، جيڪي اڏول ۽ اڙٻنگ انسان پنهنجي ڏاهپ، جرعت، سچائي، مستقل مزاجي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ذريعي ننڍين ۽ وڏين مشڪلاتن جي عظيم ڌٻڻ کي غير معمولي حوصلي ۽ جرئت جي ذريعي جهاڳي قومن ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪي، انهن کي غير معمولي فتح ۽ ڪامرانيءَ جي دڳ تي لائيندا آهن.
رهبر سنڌ سائين جي.ايم سيد جو شمار به اهڙين ئي عظيم هستين ۾ ٿئي ٿو، جن جي لاءِ جدليات جي جديد فلسفي جي موجد ڊاڪٽر هيگل چيو هو ته :”عظيم ڪردار تاريخ جون دايون ٿيندا آهن، انهن جون تخليقون ايندڙ زماني جي هنج ۾ پرورش وٺنديون آهن.“
جهڙيءَ طرح هر دؤر جي فڪر جو تعين تاريخي ضرورتون ڪنديون آهن، تهڙيءَ طرح فرد جي عظمت يا پئمانا ۽ معيار تاريخ مقرر ڪندي آهي. جن سماجن جي آڏو ذاتي پسند ۽ ناپسند جهڙن ذهني مريضن طرفان مقرر ڪيل ماڻ ۽ ماپا هوءِ هوا ٿي ويندا آهن، نه ئي ڪنهن جي پڏائڻ سان ڪو ڪردار پستيءَ مان اٿي بصيرت ڀريءَ عظمت جي معراج کي ڇهي سگهي ٿو، نه ئي ڪنهن جي گلا غيبت ڪرڻ ۽ گهٽائڻ سان ڪو ڪرداري بلنديءَ تائين ڪري پستين ۾ گم ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو جيترو آهي. اهو اوتروئي رهندو، جيستائين عظيم شخصيتن جو تعلق آهي. اهي نه صرف پنهنجي دؤر جي معاشرتي رشتن جو اعليٰ سطحي اظهار هونديون آهن بلڪ اهي پنهنجي دور جي اولاد ۽ نمائنده به هونديون آهن. اهڙيون هستيون پنهنجي پيڙهيل قوم جي دردن جو درمان ۽ جذبن جي زبان بڻجي پونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ڪردارن مان اجتماعي خوشين، ڏکن، اميدن ۽ احساسن جا روحاني چشما ڦٽي نڪرندا آهن، جيڪي هر سرد ذهن کي پگهاري منجهن آزاد زندگيءَ لاءِ هلچل ۽ تڙپ پيدا ڪري وجهندا آهن.
هڪ طرف اهڙن ڪردارن جي پيدائش قومن جي لاءِ تاريخ جو انمول تحفو هوندو آهي، ٻئي طرف اهڙن ڪردارن جو وڇوڙو قومي الميو بڻجي پوندو آهي، سندن وڇوڙي جو درد تاريخ جي سيني ۾ صدين تائين دکندو رهندو آهي يعني جهڙيءَ ريت سندن پيدائش جي ڏينهن تي قومون خوشين سان سرشار ٿينديون آهن، تهڙيءَ ريت سندن وڇوڙي تي افسردگي ۽ رنج علم جي ڪيفيت سان همڪنار ٿينديون آهن.
اهڙن ڪردارن جي وڇوڙي تي شاهه سائين چيو هئو ته:
جوڳي جوءِ ڇڏي ويا، جهڙ جيئن نيڻ جهمن،
سخن ساميئڙن جا، هينئڙي منجهه هرن،
سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئه.
هر معاشرتي هستي ٻن شين جي ميلاپ مان جڙي راس ٿئي ٿي، هڪ ان جو جسماني پهلو هجي ٿو، ٻيو ان جو شعوري يا روحاني پهلو هجي ٿو. ماڻهوءَ جي جسماني ورهاست هر حوالي کان رت جي رشتي ذريعي خاندان ڏانهن منتقل ٿئي ٿي ۽ شعوري ورهاست فڪري پيروڪارن جي ذريعي مڪمل ٿئي. جسماني ورهاست حسابي طريقي سان عددي اعتبار کان (1,2,3,4) جي انداز سان وڌندي آهي ۽ روحاني ورهاست جاميٽري جي هم چورس طريقي سان (2-4-16_256) اسڪوائر فارمولي تحت وڌندي آهي.
جيئن ته انسان جي شخصيت جو روحاني پهلو نه صرف تيزيءَ سان وڌندو آهي پر شخصيت کي شعوري ڪردار جي اعليٰ صفتن سان مالا مال ڪري منفرد تاريخي سڃاڻپ ڏيندو آهي. تنهنڪري انسان جو روحاني ورثو ان جي جسماني ورثي کان سماجي طور تي وڌيڪ معتبر هجي ٿو. ڇو جو انسان جي شخصيت جسماني طور تي محدود آهي پر روحاني طور تي زمان ۽ مڪان جي ڪنهن مخصوص دائري کان آزاد ۽ لامحدود آهي. وجود جسماني طور تي مٽجي وڃي ٿو پر روحاني طور تي مرڻ کان پوءِ به اهو حالتن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ساڳي ريت سيد جسماني طور تي سڄي سنڌ جي ذهن ۽ ضمير مان جاڳي ٿو، وڌي ويجهي اوسر ۽ ارتقا جا مرحلا ۽ مدار طئه ڪري ٿو جيئن ته سيد جهڙيون شخصيتون پنهنجي قوم جي هزارن سالن جي تاريخي شعور جي نمائندگي ڪنديون آهن تنهنڪري اهي پنهنجي وطن جي وجود جي هر اچتر ويريءَ جي خلاف قومي بقا جو اعلان بڻيل هونديون آهن.
ان ڪري ئي پنجابي سامراجي ذهنيت ۽ ان جي پڇ لٽڪائون دلالن جي سيد جي خلاف جنگ درحقيقت سنڌي قوم جي هزارن سالن جي آزادي جي روح سان جنگ آهي يعني حاڪم قوم جو محڪوم قوم خلاف نفرت جو اظهار قومن جي اهڙين فڪر انگيز محب وطن شخصيتن کان نفرت جي صورت ۾ آڏو ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سائين جي.ايم. سيد جي شخصيت بحيثيت قومي آزادي جي مفڪر جي هن بدمعاشيءَ جي اڏي جهڙي رياست، سندن دلال حوارين، بنيادپرستن، رجعت پسند ٽولن ۽ نام نهاد ترقي پسندن جي وڌ کان وڌ نفرت جو نشانو بڻيل رهي آهي. سيد جي فڪر ۽ فلسفي ۾ ڪهڙي ڳالهه سمويل آهي، جيڪا هن رياست جي نازي صفت پنجابي ذهنيت ۽ ان جي پڇ لٽڪائو حوارين کان هضم نه ٿي ٿئي، اها آهي سيد جي اها تاريخي دعويٰ جنهن جي آڏو پاڪستاني حڪمرانن جا انصاف خانا انڌا ٻوڙا گونگا بڻجي ڪوتاهه نظريءَ جو غير منصفاڻو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. سيد جي فڪر جي وڏائي اها آهي جو سندس فڪر جا بنياد ڪنهن به قسم جي داخلي ابهام پسنديءَ بجاءِ زميني حقيقتن جي معروضي تضادن تي رکيل هئا بنسبت انهن امپور ٽيڊ رياست نواز نظرين جي جيڪي خيالي جنتن جي خاڪ ڇاڻي رهيا هئا اهوئي سبب هئو جو سائين جي ايم سيد چيو هئو ته جيڪڏهن ڪميونزم جي دعويدار رياستن جي جڏهن اها خوبصورت نعرن جي قلعي لٿي ته ڪميونز م جو مڪروح چهرو سڀني جي سامهون هوندو جيڪو ڪميونزم سو شل سامراجيت جو روپ ڌاري چڪو آهي ۽ تاريخ سائين جي ايم سيد جي اڳڪٿيءَ کي صحيح ثابت ڪري ڏيکار يو پروسٽرائيڪا ۽ گلاسٽ نوسٽ جي پا ليسين سويٽ يونين کي قومن جو قيد خانو ثابت ڪيو جيڪو سويت يونين قومي تضاد جي نبيري شرط ئي ٽٽي مخلف ننڍين ننڍين رياستن ۾ ور هائجي ويو تنهنڪري جيئن جيئن معروضي حالتون پختگيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن، تيئن تيئن سيد جي فڪر جي سچائي سنڌي قوم جي اجتماعي شعور ۽ آزادي کي متاثر ڪرڻ لڳي آهي، سيد جو فڪر پنهنجي مادي صورت ۾ هڪ تحريڪ جو روپ ڌاري چڪو آهي. سيد جي فڪر کي هڪ مضبوط انقلابي تنظيم ۽ پارٽيءَ جي ضرورت آهي. جيڪا سنڌي قوم جي منتشر آزادي کي هڪ منظم قسم جي انقلابي ترتيب ڏئي سگهي، جيڪا نه صرف سطحيت پسندي (Superficiality) انڌي عقيدي پرستي (Dogmatic-ism) موقعي پرستي (Opportunism) ۽ فرسودگيءَ جهڙن گمراهه ڪن لاڙن کان انقلاب کي بچائي پر سڄي قوم کي نظرياتي جدوجهد ذريعي وحدتِ فڪر ۾ سموئي وحدتِ عمل جي لاءِ راهه هموار ڪري ته جيئن انقلاب جي حقيقي سگهه يعني سنڌي عوام کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ لاهي سگهي. هي وقت آهي سيد جي فڪر فلسفي ۽ تعليم کي سمجهڻ جو نڪي سيد جي شخصيت کي بت بڻائي پوڄڻ جو جو سيد جي نظرئي جي جديد سائنسي فڪر کي مرتب ڪرڻ جو ۽ ان جي سائنسي وضاحت جو تنهنڪري . اهڙي انڌي عقيدت پسند روش نه رڳو پاڻ کي بيوقوف ۽ گمراهه بنائڻ جي مترادف آهي پر سيد جي عظمت سان پڻ زيادتي آهي ته انهيءَ حقيقي انقلابي مشن کي ڇڏي ٺلهو شخصيت جي پوڄا ڪجي ۽ ان جي ڪتابن کي مذهبي ڪتابن جيان پوتين ۾ ويڙهي بي ثمر بڻائجي يا مورڳو انهن جو مطالعو ئي نه ڪجي، نه وري سيد جي نقش قدم تي هلي دنيا جي مفڪرن، فلسفين ۽ ڏاهن جو مطالعو ڪجي نه ئي پنهنجي سوچن کي عالمي فڪر جي ارتقا جي صحت مند عمل سان ڳنڍجي اها دانش مندي نه بلڪ فر سودگي دقيا نوسيت ۽ رجعت پسندي ٿيندي . اهڙي قسم جي جهالت، عقيده پرستي ۽ انقلاب دشمني ۽ سنڌ دشمني تي مشتمل ٿيندي .
اسان جي قومي ڪارڪنن تي هيءَ تاريخي ذميواري ٿي عائد ٿئي ته اهو انقلابي جدوجهد جي معيارن کي سمجهڻ لاءِ دنيا جي انقلابي تنظيمن ۽ پارٽين، جن انقلاب آندا آهن، انهن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري دنيا جي انقلابي مفڪرن جي تعليم مان پرائي پنهنجي زميني حقيقتن جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري تخليقي طور تي انقلابي عمل تي پاڻ پوري پوري لاهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ قومي تحريڪ اندر جيستائين انقلابي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو بندوبست نه ٿيندو، تيستائين انقلاب هڪ تصور ئي رهندو، ڇو جو انقلابي تعليم ۽ تربيت کانسواءِ حقيقي انقلابي ڪارڪن جي غير موجودگيءَ ۾ صحيح انقلابي تنظيم ۽ پارٽيءَ جو تصور سراب کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. حقيقي انقلابي پارٽي ئي اعليٰ قسم جي منظم منصوبابنديءَ ذريعي پنهنجا مقرر ڪيال انقلابي هدف پورا ڪري انقلابي نتيجا وٺڻ جي اهليت رکندي آهي. ننڍن ننڍن مسئلن کان ويندي اشوز تي سياست ٿيڻ کپي پر انهيءَ تي پنهنجي مستقل جدوجهد جا بنياد رکڻ اولين بنيادي تضادن کان فراريت هجي ٿي. انقلابي پارٽين جي جدوجهد جا مستقل بنياد اهڙي مسئلي تي هوندا آهن، جيڪو مسئلو سڀني مسئلن جي حلن جي ڪنجي هوندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي عمل کي انقلابي تعليم سان رياضتن ذريعي هم آهنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين، تڏهن ئي اسان جي کڄندڙ هر وک آزادي جي منزل کي قريب کان قريب تر ٿيڻ ڏانهن وٺي ويندي. جنهن جي ذريعي ئي اسان پنهنجي عظيم رهبر سان سچيءَ عقيدت جو اظهار ڪري کيس حقيقي خراجِ عقيدت پيش ڪري سگهون ٿا

No comments:
Post a Comment