Thursday, November 19, 2015

People of Sindh condemn the murder of Social Worker and poitical activist Dr Anwer Laghari .



People of Sindh condemn the murder of Social Worker and poitical activist  Dr Anwer Laghari .
PPP terriorist wing killed  social activist and political worker Dr. Anwar laghar in Qasimabad Hyderbad Sindh.
We are with Laghari family in this sadness time. How much martyrs will bear Sindh? ?

بيحد افسوسناڪ خبر ، ڊاڪٽر انور لغاري جهڙو پيارو ماڻهو بہ ظالمن هٿان ڪسجي ويو ، جيڪو بين جي زخم تي پها رکندو هئو ۽ اڄ هن جي جسم کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو آهي . افسوس افسوس افسوس ...

اڪٽر انور لغاريءَ جو قتل جيترو به شرمناڪ عمل چئجي اهو گهٽ.
پر ان قتل جا مقصد گهڻ پاساوان ٿي سگهن ٿا.
مان اڃا تائين ته ان سانحي کي فقط هڪ ڪائونسلر جي چونڊَ جو تڪرار سمجهڻ لاءِ تيار نه آهيان.
سنگت جي ٿورو به ذهن تي زور ڏيندي ته:
“ ان موقعي کي، ڪنهن جي خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو؟“ وارو سوال سمجهه ۾ اچي وڃي شايد.
ي پي سنڌ جي ٻئي ايم ڪيو ايم ٿئي آھي. پي پي پنھنجو ڪو به مخالف ڪونه ڇڏيندي ايم ڪيو ايم وانگر پر ھاڻي ته پي پي خد پنھنجا ماڻھو مارائي ايم ڪيو ايم وانگر مخالفن تي الزام ھڻندي.
قاتل پارٽيءَ وري هڪ ڀيرو ٻيهر قاسم آباد م سنڌي ڪٺآ 
پي پيءَ جي دهشتگردن ، ايس يو پي اميدوارن تي حملو ڪري انسانيت جي خدمت ڪندڙ ڊاڪٽر انور لغاريءَ کي شهيد ۽ ٻين ڄڻ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو


 ڳوٺن م پوليس گردي شھرن م دهشتگري اها اٿو پپلز پارٽي



شهيد ڊاڪٽر انور ۽ سندس خاندان سان پنجٽيھن چاليھ سالن کان ويجهڙائي رهي اٿم، جڏهين به قومي ڪارڪن ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا هُئا تڏهين چاچو محمد علي امان فاطمه ڊاڪٽر انور پنهنجي ڪَئوڙي ۾ لڪائي واهرو ۽ ڀرجهلا ٿيندا هُئا، ان عيوض منحوس ملٽري حڪومت جا جيل ٿاڻا ۽گهاڻا سهندا رهيا. چاچو محمد علي منور ۽ ڊاڪٽر انور لغاري هڪ دفعو مون وٽ آيا چيائون ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي آزادي لا۽ مزاحمتي جدوجهد هلائڻ ٿو چاهي ان ڪري مون کي گڏجڻ گهرجي انوقت فقط چند شاگردن تي مشتمل جيئي سنڌ اسٽودنٽس فيڊريشن ترقي پسند ونگ موجود هُئي. مون چاچي محمد علي ٻين دوستن سان گڏجي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ڳوٺن واهڻن ۾ بار بار وڃي هڪ منظم پارٽي جو بنياد وڌو ان ۾ ڊاڪٽر انور ۽ منور سميت ڪيترن دوستن جو سهڪار شامل هو، پوءَ ڇا ٿيو مزاحمت ڪيڏانهن ويئي ان تي ڪڏهين ويهي تفصيلي لکبو هي دل نپوڙيندڙ ڏک وارو وقت انهن ڳالهين ڦلهورڻ جو ناهي. هن نفسا نفسي جي سياسي وايو منڊل ۾ جتي فتوا فروشن جي بازار ملن کان به وڌيڪ ڀريل آهي اتي هي سدا مرڪڻو ماڻهو پنهنجي ظرف ۾ گهڻن نام نهاد اڳواڻن کان انتهائي اوچو هو، سياسي اختلافن کي ڪڏهين به هن پنهنجي روين جو راهبر ڪون ٿي بڻايو هر هڪ ماڻهو سان ميٺ محبت وڏا ڀاڪر وڏا ٽهڪ، جڏهين به ماڻهوءَ جي غمِ جهان ۾ دل سوڙهي ٿيندي هُئي سو جڏهين به شهيد ڊاڪٽر جي محفل مان اٿي ايندو هو ته مرڪندي ايندو هو. الا هاڻي آئون دل جي درد جي ڪٿي وڃي دوا وٺندس جتي مرڪڻ جو ڪارو ڏڪار هجي اتي ڪنهن وٽ وڃي وڏا ٽهڪ ٻڌي دل جو بوجھ هلڪو ڪندس. هينئر ڪنهن سان ويهي ڏک ونڊيان جو شهيد ڊاڪٽر انور لغاري منهنجو دلبر ننڍو ڀاءُ هو. هڪڙو اهڙو ڏکيو وقت مون تي به آيو جو شديد زخمي حالت ۾ مون کي شهيد داڪٽر انور ۽ چاچي محمد عليءَ جي گهر ۾ پناھ ملي هُئي.
(حسين بخش ٿيٻو)
تصويرو ڳالهائين ٿيون
1. شهيد ڊاڪٽر انور 2010 جي ٻوڏ ۾ رات ڏينهن علاج جي قومي ڪئمپ هلائي رهيو آهي.
2. امان فاطمه جيڪا سڀني قومي ڪارڪنن جي امڙ هُئي آڌيءَ مانجهيءَ جڏهين به وڃبو هو تي فوري طور اٿي ماني پڇائي آڻي اڳيان رکندي چوندي هُئي جي پنهنجن ٻچن کي بک لڳي هوندي. فاشي ڪتن هٿان زخمي ٿيندڙ قومي ڪارڪنن جي مرهم پٽي صفائي خاطرداري امڙ جيان ڪندڙ بهادر بي ڊپي
3. چاچو محمد علي هن وقت شديد بيمار حالت ۾ قومي تحريڪ جو کاهوڙي ڪردار لطيف جو پارکو هاڻي امان فاطمه جي وڇوڙي کان پوءِ جوان پٽ جي المناڪ موت جو صدمو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين کڻي هلندو.
3. منور لغاري ۽ منهنجي تعلقاتن جو به عجيب Life cycle آهي پنجٽيهن سالن جي تعلقاتن ۾ هر ٽيئي چوٿين سال ڪاوڙ ۽ ويجهڙائي جو دور ڦرندو آهي هن وقت اسان جي وچ ۾ شديد ناراضگي جو دور پيو هلي
(حسين بخش ٿيٻو)تصويرو ڳالهائين ٿيون1. شهيد ڊاڪٽر انور 2010 جي ٻوڏ ۾ رات ڏينهن علاج جي قومي ڪئمپ هلائي رهيو آهي.2. امان فاطمه جيڪا سڀني قومي ڪارڪنن جي امڙ هُئي آڌيءَ مانجهيءَ جڏهين به وڃبو هو تي فوري طور اٿي ماني پڇائي آڻي اڳيان رکندي چوندي هُئي جي پنهنجن ٻچن کي بک لڳي هوندي. فاشي ڪتن هٿان زخمي ٿيندڙ قومي ڪارڪنن جي مرهم پٽي صفائي خاطرداري امڙ جيان ڪندڙ بهادر بي ڊپي 3. چاچو محمد علي هن وقت شديد بيمار حالت ۾ قومي تحريڪ جو کاهوڙي ڪردار لطيف جو پارکو هاڻي امان فاطمه جي وڇوڙي کان پوءِ جوان پٽ جي المناڪ موت جو صدمو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين کڻي هلندو.3. منور لغاري ۽ منهنجي تعلقاتن جو به عجيب Life cycle آهي پنجٽيهن سالن جي تعلقاتن ۾ هر ٽيئي چوٿين سال ڪاوڙ ۽ ويجهڙائي جو دور ڦرندو آهي هن وقت اسان جي وچ ۾ شديد ناراضگي جو دور پيو هلي

No comments:

Post a Comment