Thursday, November 19, 2015

نجمه باگڙي گذريل آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ پهتي هندو پاڙي ، گڏاپ ٽائون ڪراچي. خوش خوش، ميندي لڳل هٿن سان پنهنجي پاڙي ۾ وئي ته وري واپس نه وري.

هيءَ تصوير آهي 20 ساله نجمه باگڙيءَ جي. نجمه گڏ بيٺل آهي پنهنجي مڙس راجيش سان. سندن هلندڙ سال
ئي شادي ٿي هئي، ڪجهه مهينا اڳ. شاديءَ بعد نجمه باگڙي گذريل آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ پهتي هندو پاڙي ، گڏاپ ٽائون ڪراچي. خوش خوش، ميندي لڳل هٿن سان پنهنجي پاڙي ۾ وئي ته وري واپس نه وري. ڪجهه ڏينهن بعد سندس ماءُ کي مليو منگهي پير جي مدرسي جو هڪ ڪاغذ، جنهن ۾ نجمه مسلمان به ڄاڻايل هئي ته، شاهد پٺاڻ سان شادي ڪيل به!.
اغو جو ڪيس به داخل ٿيو سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي، نجمه باگڙيءَ کي پوليس آڏو پيش به ڪيو ويو، جنهن پوليس کي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ زبردستيءَ کان آگاهه به ڪيو!، پر مُسلم انصاف فقط مسلمانن لاءِ هوندو آهي، سو باگڙين جو ڇا وڃي انصاف سان!
نجمه ڪجهه ڏينهن اڳ ڏياريءَ جي ڏينهن به اغوا ڪندڙ شاهد پٺاڻ جي گهران ڀڄي ماءُ وٽ پهتي، پر هٿياربند جوابدار سندس پوِيان ڊوڙندا آيا ۽ کيس وارن کان گهليندا واپس کڻي ويا.
نجمه باگڙياڻيءَ جي امڙ نينا اڄ مون وٽ آفيس ۾ ملڻ آئي ۽ سڄي وارتا ٻڌائيندي چيو :”شايد سندس ڌيءُ قتل ٿي چڪي آهي، اغوا ڪندڙ روز هٿيار کڻي ڪيس واپس وٺڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ هئا، جنهن ڪري پنهنجو گهر ڇڏي چڪي آهي“..
اسلام ته هڪ مئل ڪتي کي به انصاف ڏيڻ جي دعويٰ ٿو ڪري، نجمه باگڙي، سندس مڙس راجيش ۽ سندس امڙ نينا کي ڪير انصاف ڏيندو...!؟

No comments:

Post a Comment