Friday, January 3, 2014

بلوچستان مان گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪتل لانگ مارچ جو قافلو موري کان نوشهرو فيروز پهچي ويو، موري ۾ ترسڻ بعد ڪالهه صبح لانگ مارچ موري کان نڪتو، سوين


بلوچستانمان گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪتل لانگ مارچ جو قافلو موري کان نوشهرو فيروز پهچي ويو، مور ۾ ترسڻ بعد ڪالهه صبح لانگ مارچ موري کان نڪتو، سوين سنڌين سياسي ۽ سماجي شخصيتن لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ان کي الوداع ڪيو. مارچ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ صحافين شرڪت ڪئي، جن ۾ راشد مورائي، اختر لغاري، رزاق مستوئي، محمد اياز ميمڻ، وحيد مستوئي، رضا لغاري، وينگس لغاري، ياسين ملاح، ڪرم چانڊيو، امن ڪلهوڙو، غلام فريد ڪلهوڙو، اسلم ڪوريجو، غلام حسين جويو ۽ ٻيا شامل آهن. لانگ مارچ جو موري کان نوشهرو فيروز تائين سفر دوران وچ ۾ نورپور نانگو شاهه موري ۽ ٻين هنڌن تي شانائتو استقبال ڪيو ويو. لانگ مارچ جي نوشهري پهچڻ بعد الله والا چوڪ تي جلسو ڪيو ويو. موري ۽ نوشهري فيروز ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي گم ڪيل بلوچن جي وارثن ماما قدير بلوچ ۽ فرزانه بلوچ چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي نوجوانن کي قتل ڪري گم ڪيو پيو وڃي. ڪير به ان خوش فهمي ۾ مبتلا نه ٿئي ته هو پنهنجي حقن تان دستبردار ٿي ويندا. سنڌ ۽ بلوچستان جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ اڃا وڌيڪ جذبو پيدا ٿي ويو آهي، انهن نوجوانن جون قربانيون رائيگان نه ٿينديون. هنن چيو ته 60 سالن کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ظلم ۽ زيادتين جو سلسلو هلندو اچي پيو. وسيلن، گئس، پيٽرول ۽ معدني وسيلن تي قبضا ڪري ان جي ڪمائي وفاق ۽ پنجاب ۽ ڌاريا کائي رهيا آهن ۽ ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪيو ويو آهي. اهڙي ڏاڍ تي جدوجهد ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ تي غداري جا لقب ڏئي نوجوانن کي ڪٺو پيو وڃي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ آئين جي لتاڙ ڪندي ايجنسيون نوجوانن کي کنڀي کڻي پيون وڃن، پر هو ڪنهن جي اڳيان جوابدار ناهن. هنن چيو ته اسان جا پير پٿون ٿي ويا آهن، پر نام نهاد اردو ميڊيا اسان جي مارچ کي صفا نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. جلسي کي سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ عزيزالله ٻوهيو، گل مورو ۽ ٻين چيو ته بلوچن ۽ سنڌين سان ملڪ ۾ وڏيون ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن. اغوا، چچريل لاش ملڻ وارو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ بلوچن جي آواز کي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.


No comments:

Post a Comment